حاجن شاهه جيلاني جي درگاهه

حاجن شاهه جيلاني جي درگاهه

حاجن شاهه جيلاني جي درگاهه

حاجن شاهه جيلاني جي درگاهه: حاجن شاهه جيلانيءَ جي درگاهه ڳوٺ هاشم خان گوپانگ تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. حاجن شاهه، قلندر شهباز جي معتقد بزرگن مان هو. حاجن شاهه جي وفات مقامي روايتن موجب اڄ کان لڳ ڀڳ ستر سال پهرين ٿي. درگاهه پڻ ان وقت جي ٺهيل ٻڌائي وڃي ٿي پر ڪو به اهڙو ڪتبو لڳل ڪو نه آهي. مقبرو اڳوڻي طرز تعمير جو اعليٰ نمونو معلوم ٿئي ٿو. بزرگ جي گذاري وڃڻ بعد سندس مزار تي درگاهه قائم ٿي. مقبرو ان وقت جي مشهور ڪاريگر آچر ڦل گمبٽ واري تعمير ڪيو. درگاهه جو احاطو ڪافي وڏو آهي. مقبري سان گڏ مجاورن ۽ زيارتين لاءِ مسافر خانو پڻ ٺهيل آهي. مقبري کي رنگ روغن ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ پڪين سرن جو فرش هڻي اڱڻ ٺاهيو ويو آهي. مقبري ۾ وڏي ونگ اندر ننڍي سان چوڪاٺي جو دروزاو لڳل اٿس. پاسن کان ٿنڀ آهن، جيڪي مٿي وڃي منارو ٺاهين ٿا. وچ واري طاقچي تي مٿي ٻيڙ- ٻني وٽان تاج ٺهي بيهي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي ٿنڀڙيون ڏنل آهن، جيڪي منارن جي صورت جهڙيون آهن. ڇت تي گول گنبذ رکيو ويو آهي، جنهن تي نيل لڳل آهي. مقبري جي تعمير ۾ پڪين سرن جو گچ گارو استعمال ڪيل آهي. ديوارن کي چوني ۽ گاري جو ليپو ڏنل آهي. پوئين طرف کان پيڙهه وٽان ليپو لهي ويو اٿس. اندر سيمنٽ سان فرشبندي ڪئي وئي آهي حجري ۾ ٿلهي تي ٽي مزارون آهن. مقبرو اندرئين طرف کان پڻ چٽسالي ڪري خوبصورت بڻايو ويو آهي. پاسي کان قائم لانڍي ويجهڙائي واري دور جي تعمير ڪيل ڀاسجي ٿي. هن وقت درگاهه جو گادي نشين غلام شاهه جيلاني آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو